تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** عالمچند ڪولهي **

عالمچند ڪولهي: ٿر جي نامور سياسي ورڪر ۽ سماج سڌار عالمچند ڪولهي، تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڦلپرو ۾ سروپ ڪولهيءَ جي گهر، 1922ع ۾ جنم ورتو. سندس واسطو ڪانگريس پارٽيءَ سان هو. عالمچند شروعاتي تعليم ننگرپارڪر جي مڊل اسڪول مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان مٺي هاءِ اسڪول مان 1944ع ۾ پاس ڪيو. 1946ع ۾ عمرڪوٽ ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. ان وقت انگريزن خلاف تحريڪ زور تي هئي، جنهن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن ‘ڊانڊي مارچ- لوڻ کڻو’ تحريڪ ۾ مهاتما گانڌي سان گڏجي حصو ورتو ۽ ننگرپار ۾ برٽش سامراج خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ ڪري جيل به ڀوڳيائين. پاڪستان جي قيام بعد هن پنهنجي قبيلي جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ‘هريجن سماج سڌار سنگت’ جي پليٽ فارم تان ٻين ساٿين سان گڏجي ڪم ڪيو. ٿر ۾ اوچ نيچ واري سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. پاڪستان جي قيام بعد سندس سياسي تعلق ‘سنڌ هاري ڪاميٽي’ سان رهيو. 1963ع ۾ يونين ڪائونسل پيٿاپور جي چونڊ ۾ حصو ورتائين ۽ چيئرمئن چونڊيو ويو. 1964ع واري صدارتي اليڪشن ۾ مير علي بخش خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، وڪيل روچيرام ۽ مسڪين جهان خان کوسي سان گڏجي فاطمه جناح جو ورڪ ڪيائين ۽ کيس ووٽ ڏنائين. جنهن سبب وقت جي حڪومت ک....وڌيڪ پڙهو